لطيف آباد جي گهر مان نوجوان جو لاش هٿ،قتل جو الزام

لطيف آباد جي گهر مان نوجوان جو لاش هٿ،قتل جو الزام

حيدرآباد: (ن س) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لطيف آباد نمبر 5 جي گهر مان نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي.پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ عبدالرحمان ولد ملوڪ سميجو جي نالي سان ڪئي وئي آهي. ايس ايڇ او بي سيڪشن ٻڌايو ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اماڻي ڇڏيو آهي، رپورٽ اچڻ کان پوءِ وڌيڪ خبر پئجي سگهندي. في الحال ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.ايس ايڇ او وڌيڪ ٻڌايو ته نوجوان جو تعلق ٿر جي هڪ ڳوٺ سان آهي، جيڪو هڪ بنگلي تي ڪم ڪندو هو. واقعي جي اطلاع ملڻ تي نوجوان جا وارث بي سيڪشن ٿاڻي پهچي ويا.ان موقعي تي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس قتل ۾ ملوث بااثرن کي لڪائڻ چاهي ٿي. اسان جو نوجوان هڪ بنگلي تي ملازم طور ڪم ڪندو هو، اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو