لساني بنياد تي بلوچ شاگردن جي گرفتاري ڇو پئي ٿئي؟

لساني بنياد تي بلوچ شاگردن جي گرفتاري ڇو پئي ٿئي؟

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري هاءِ ڪورٽ خميس ڏينهن گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ”بلوچ شاگردن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي روڪڻ لاءِ هڪ ميڪنزم تيار ڪيو وڃي“ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي نسلي ۽ لساني بنياد تي پروفائلنگ کي ختم ڪيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گذريل مهيني اسلام آباد ۾ پنهنجي گم ٿيل ساٿي حفيظ بلوچ جي گمشدگي تي احتجاج ڪندڙ بلوچ شاگردن کي حراسان ڪرڻ خلاف انساني حقن جي ڪارڪن ۽ وڪيل ايمان زينب مزاري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي هدايتون جاري ڪيون. گذريل ٻڌڻي تي جسٽس اطهر من الله صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چيو هو ته هو بلوچ شاگردن جي نسلي پروفائلنگ جو تاثر ختم ڪري. اڄ جڏهن ٻڌڻي شروع ٿي ته مزاري عدالت کي ٻڌايو ته صدر شاگردن کي يقين ڏياريو آهي. جڏهن ته اسلام آباد ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز جي شاگرد بيبغر امداد کي ڪالهه پنجاب يونيورسٽي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. هڪ ٻئي شاگرد ڊاڪٽر دلدار بلوچ کي ڪراچي مان کنڀيو ويو. ”لڳي ٿو حڪومت بلوچ شاگردن جي معاملي کي سنجيدگيءَ سان نه وٺي رهي آهي،“ وڪيل چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي سمورن يونيورسٽين کي نوٽيس جاري ڪرڻ گهرجن ته جيئن بلوچ شاگردن کي هراسان نه ڪيو وڃي. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته صدر علوي بلوچ شاگردن سان ٻه ملاقاتون ڪيون. “صدر ڇا ڪيو؟” جسٽس من الله پڇاڻو ڪيو. هي اصل مسئلا آهن پر گذريل حڪومت به انهن کي نظرانداز ڪيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ذميوار ڪير آهي؟ وڪيل جواب ڏنو ته چيف ايگزيڪيوٽو ۽ لاڳاپيل ايجنسيون ذميوار آهن. چيف جسٽس وري ريمارڪس ڏنا ته مسئلا حقيقي آهن پر سياسي اڳواڻن نظرانداز ڪن ٿا ”جيڪڏهن نسلي پروفائلنگ ٿي رهي آهي ته انساني حقن واري وزارت کي بند ڪيو وڃي، رياست کي ڪمزور نه چئو. هن چيو ته انساني حقن واري وزارت ڇو آهي جڏهن ته نه اڳئين حڪومت ڪجهه ڪيو ۽ نه ئي هن ڪجهه ڪيو؟ ”ٻڌاءِ نه ته امن امان جي صورتحال خراب آهي ان سبب شاگرد ڇو متاثر ٿين؟ جسٽس اطهر من الله چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ سياسي پارٽين جا بيان مختلف هئا پر هڪ ڀيرو حڪومت ۾ اچي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندا آهن. ڊپٽي اٽارني جنرل سيد محمد طيب شاهه عدالت کان وقت گهريو ته هو نئين حڪومت کان هدايتون طلب ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو