اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان هن سال ڪيترن ڏهاڪن ۾ سڀ کان سخت سياري کي منهن ڏئي سگهي ٿو، جنهن جو سبب لا نينيا (La Niña) نالي موسمياتي پئٽرن آهي. تازه ترين رپورٽ موجب، جيڪا انٽرسڪٽر ڪوآرڊينيشن گروپ ٻين ادارن سان گڏ تيار ڪئي آهي، ملڪ ۾ غيرمعمولي ٿڌي سياري جا امڪان آهن، هي ٿڌ جو پيٽرن سيلاب کان متاثر ٿيل علائقن، خاص طور تي خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان جي پهاڙي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگي کي وڌيڪ مشڪل بڻائي سگي ٿو. لا نينيا هڪ اهڙو موسمي رجحان آهي، جنهن دوران پئسفڪ سمنڊ جي مٿاڇري جو گرمي پد غيرمعمولي طور گهٽجي وڃي ٿو، جنهن سبب دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ سخت موسمي تبديليون واقع ٿين ٿيون.
برسات ۽ موسم جي اڳڪٿي
اقوام متحده جي ادارو OCHA پاران جاري ٿيل آڪٽوبر جي اڳڪٿي مطابق، ايل نينو ۽ انڊين اوشن ڊائپول ٻنهي جا منفي اثر پاڪستان ۾ برساتي نظام تي اثرانداز ٿيندا. رپورٽ موجب: اتر پنجاب، خيبر پختونخوا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ معمول کان گهٽ برسات پوندي. جڏهن ته سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ معمول جي ويجهو برساتون ٿيڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن موسمي تبديلي جا امڪاني اثرن ۾ خريف جا فصل متاثر ٿيندا، اترين علائقن ۾ گليشيئر ڦاٽڻ جا امڪان، دريائن ۾ پاڻيءَ جي اچڻ ۾ گهٽتائي، جنهن سان زراعت متاثر ٿي سگهي ٿي، ميداني علائقن ۾ ڌنڌ وڌندي، هوا جي آلودگي ۾ اضافو، ڍورن جي صحت ۽ سندن چاري جي کوٽ به پيدا ٿي سگهي ٿي.
سيلاب کانپوءِ حالتون
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سيلاب کان پوءِ حڪومت ۽ انساني امدادي ادارن ٻنهي جي ڪارڪردگي متاثر ٿي آهي. ابتدائي مرحلي ۾ مقامي ۽ بين الاقوامي ادارن طرفان بهتر امداد فراهم ڪئي وئي، پر ٽن مهينن کان پوءِ انهن جي ميدان ۾ موجودگي ۽ وسيلن ۾ گهٽتائي آئي آهي. ابتدائي ايمرجنسي فنڊ ۽ اسٽاڪ ختم ٿي چڪا آهن، ۽ هاڻي انساني امدادي ادارا وڌيڪ فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيئن بحاليءَ واري مرحلي دوران بنيادي سهولتون جاري رکي سگهجن.
معيشت ۽ زراعت تي اثر
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سڀ کان وڏي پريشاني زراعت ۽ روزگار جي ڊگهي مدي واري تباهي آهي. سيلاب سبب فصل تباهه ٿي ويا آهن، ڍورن جو گاهه ختم ٿي ويو آهي، زرعي اوزار ۽ مشينري خراب يا برباد ٿي وئي آهي. گڏيل قومن جي زراعت بابت اداري FAO جي تازين سروي موجب، سيلاب پنجاب جي لڳ ڀڳ 12 لک هيڪٽر زمين کي متاثر ڪيو، جتي چانور، ڪپهه ۽ ڪمند جي فصلن کي وڏو نقصان پهتو آهي. اهو نقصان ربيع جي فصل پوکڻ واري اهم وقت سان گڏ ٿيو، جنهن سان کاڌ خوراڪ جي سلامتي ۽ بحاليءَ جي امڪانن کي خطري ۾ وڌو آهي.
صحت جا خطرا
ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، جيڪو ڪولرا، دست، ٽائيفائيڊ، مليريا ۽ ڊينگي جهڙين بيمارين جي پکڙجڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي. سيلاب ۾ 229,760 گهر تباهه يا نقصان پهتل آهن، ۽ ڪيترائي خاندان اڃا تائين کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، جتي مڇرن وسيلي پکڙجندڙ بيمارين جو خطرو وڌيڪ آهي. اسڪول ۽ اسپتالون ضروري سامان کان محروم يا مٽيءَ سان ڍڪيل آهن، جنهن سبب نه پڙهائي بحال ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي علاج جون سهولتون. کاڌ خوراڪ ۽ چارن جا ذخيرو يا ته لڙهي ويا يا تباهه ٿي ويا، جنهن سان کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ امدادي خوراڪ تي انحصار وڌي ويو آهي.










