لاہور: دڪاندار جي مبينا تشدد سبب 14 سالن جو ملازم فوت

لاہور: دڪاندار جي مبينا تشدد سبب 14 سالن جو ملازم فوت

لاهور(ويب ڊيسڪ) دڪاندار جي مبينا تشدد سبب گهٽ عمر وارو ملازم فوت ٿي ويو.ڊي آئي جي آپريشنز جي ترجمان موجب، هي واقعو لاهور جي علائقي فيڪٽري ايريا ستاره ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي دڪاندار جي مبينا تشدد سبب 14 سالن جو ملازم فوت ٿي ويو. ترجمان ٻڌايو ته 14 سالن جو علي حسن جوابدار سميع الله جي ڪريانا (پرچون) اسٽور تي ملازم هو، جوابدار علي حسن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کيس نيم بيهوشي واري حالت ۾ گهر جي دروازي تي ڇڏي هليو ويو. ترجمان موجب، ڇوڪري کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي 4 ڪلاڪن کانپوءِ هن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سندس جسم تي تشدد جا نشان موجود هئا. مقامي دڪاندارن جو چوڻ هو ته جوابدار لوهي راڊ سان علي حسن تي تشدد ڪندو رهيو. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته مقتول جي ڀاءُ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري جوابدار کي انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو