لاکڙا حادثي جو زخمي فوت، مري ويلن جو انگ 5 ٿي ويو، ڪمپني واهر نه ڪئي

مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي) لاکڙا ڪول فيلڊ جي بندش پيل پي ايم ڊي سي ڪمپني جي کاڻ ۾ اڱاري تي پيش آيل حادثي جو زخمي مزدورڪراچي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 5 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن کاڻ نمبر 21 ۾ ڪوئلي جي کوٽائي دوران ڌماڪي سان گئس ڦھلجڻ سبب باهه لڳي وئي هئي ۽ جنهن ۾ چار پورهيت فوت ۽ ٻه زخمي ٿيا هئا. باهه جي سڙيل ٻنهي زخمين کي ڪراچي موڪليو ويو هو جن مان 40 ورهين جو پورهيت  منٺار علي ولد مور خان مريداڻي اڄ اربع تي زخمن جا تاب نه سهندي برنس وارڊ ۾ فوت ٿي ويو. پورهيت  منٺار علي چار پٽن ءِ ٽن نياڻين جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو، جڏهن ته ساڳئي حادثي ۾ هڪ ڏينهن اڳ سندس ماسات علي اصغر مريداڻي پڻ فوت ٿي ويو هو. جنهن ۾ هڪ ئي گهر جي ٻن ڀاتين جي وفات تي وڌيڪ  منٺارجو لاش  ڳوٺ موسيٰ خان مريداڻي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن کاڻ ۾ سڙي دٻجي فوت ٿيل الھ بخش دائيداڻو جو لاش جي اڄ خاڻوٺ ۾ تدفين ڪئي وئي. ڪمپني انتظاميه اڃا تائين متاثره خاندانن جي واهر نه ڪئي آهي. رابطو ڪرڻ تي انڊس ڪول مائينز پوليس عملدار ٻڌايو ته لاشن جي پوسٽ مارٽم سميت ڪاغذي ڪاروائي مڪمل آهي وڌيڪ وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اچن ته داخل ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو