لاهور ۾ غير ملڪي عورتن جي اغوا بعد ريپ جو ڪيس داخل

لاهور ۾ غير ملڪي عورتن جي اغوا بعد ريپ جو ڪيس داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ) هالينڊ ۽ وينزويلا سان تعلق رکندڙ ٻن غير ملڪي عورتن کي اغوا ڪري ريپ ڪرڻ وارو ڪيس ڊفينس سي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ويجهي مائٽ رضا ڊار کي مک جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. سندس 5 ساٿين جا نالا به ڪيس ۾ درج آهن. ايف آءِ آر موجب اغواڪارن ۽ ريپ ڪندڙن آزاد ڪرڻ بدلي ڀنگ به گهريو. ايف آءِ آر موجب 2025 ۾ سنگاپور ۾ رضا ڊار سان ملاقات ٿي ۽ هن پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. اسانجي ويزا جو انتظام به رضا ڊار ڪيو. بعد ۾ رضا ڊار پاڻ به مغوي هجڻ جو ڊرامو ڪندو رهيو. ايف آءِ آر ۾ ڌوڪي، اغوا، ڀنگ ۽ ريپ جا قلم شامل آهن. پنجاب پوليس گهڻ رخي جاچ ڪري رهي آهي ته اصل حقيقت ڇا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو