لاهور ۾ اٽي جو اگهه 145 رپيا في ڪلو ٿي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اٽو 145 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب ڪڻڪ جو اگهه 4500 رپين تائين پهچي ويو آهي پر ان باوجود فلور ملز، هارين ۽ دڪاندارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.لاهور ۾ اٽي جو سستو ٿيلهو اڃا تائين غائب آهي، شهري 15 ڪلو مهانگو اٽي جا ٿلها خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.مارڪيٽ ذريعن موجب اٽي سان گڏ انڊا 275 رپيا في درجن ۽ ڪڪڙ جو گوشت 600 رپيا في ڪلو ملي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو