لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 مستقل ججن پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو،چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس عاليا نيلم مستقل ججن کان حلف ورتو،تقريب ۾ وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب، پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب ۽ ٻيا سينئر وڪيل شرڪت ڪئي.مستقل ججن ۾ جسٽس حسن نواز مخدوم، جسٽس ملڪ وقار حيدر اعوان، جسٽس سردار علي اڪبر، جسٽس احسن رضا ڪاظمي، جسٽس ملڪ جاويد اقبال ۽ جسٽس محمد جواد ظفر شامل آهن.جسٽس خالد اسحاق، جسٽس ملڪ اويس خالد، جسٽس سلطان محمود، جسٽس تنوير احمد شيخ، جسٽس ابهر گل خان پڻ لاهور هاءِ ڪورٽ جي مستقل ججن ۾ شامل آهن.










