لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان اسلام آباد جي ٻن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.جسٽس شهباز رضوي ۽ جسٽس فاروق حيدر عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت دهشتگردي ٽوڙ جي ڪيسن ۾ عمران خان جي سومر (27 مارچ) تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.عمران خان جي اسڪين ٿيل دستخط واري معاملي تي وڪيل چيو ته درخواست تي صحيح عمران خان جي آهي.عدالت هدايت ڪئي ته درخواست تي عمران خان جا دستخط هاڻي ٿيڻ گهرجن، جنهن تي عمران خان عدالت ۾ درخواست تي صحيح ڪري ڇڏي.










