لاهور(ويب ڊيسڪ) مصري شاهه ۾ ملڪيت جي تڪرار تي ٻه ماڻهو مارجي ويا.پوليس موجب ٻٽي قتل جو واقعو مصري شاهه جي عثمان گنج علائقي ۾ پيش آيو، جتي عبدالرحمان ۽ فياض گروپ جي وچ ۾ قبضي تي تڪرار ٿيو ۽ عبدالرحمان کي فياض گروپ پاران پٿر هڻڻ سان قتل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته ان دوران عبدالرحمان جي سيڪيورٽي گارڊن فائرنگ ڪري فياض سميت ٻن ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو. زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فياض فوت ٿي ويو.مصري شاهه پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي فائرنگ ۾ ملوث ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.










