لاهور(ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي مختلف ڪاررواين ۾ 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي ترجمان موجب لاهور سميت مختلف شهرن ۾ ڪارروايون ڪري 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم القائده، داعش ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي.سي ٽي ڊي موجب گرفتار دهشتگردن ۾ مهتاب، طارق، گل اعظم، معاويه، عماد، وارث، جبار شامل آهن، جن جي قبضي مان بارودي مواد، دستي بم ۽ ڊيٽونيٽرز هٿ ڪيا ويا آهن.










