لاهور: اٽي ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي

لاهور: اٽي ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي

لاهور (ويب ڊيسڪ)ملڪ جي ٻئين وڏي شهر لاهور ۾ اٽي ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي وئي. مارڪيٽ ذريعن موجب 2 ڏينهن دوران مرغي جي گوشت جي قيمت ۾ 100 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، مرغي جو گوشت 471 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 15 ڪلو ڪمرشل اٽي جو اگهه 2100 رپين مان گهٽجي 1750 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته اٽي جي قيمت ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي.مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ انڊن جو في درجن اگهه 289 رپيا ۽ بکري جو گوشت 1800 رپيا جڏهن ته گوشت 1100 رپيا في ڪلو ملندو رهيو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميه سرڪاري ريٽ لسٽ تي عمل ڪرڻ کان قاصر آهي، عام بازارن ۾ دڪاندار پنهنجي من ماني ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو