لاهوريو هڪ موقعو ڏيو، مان لنڊن ڀڄي نه ويندس، بلاول

لاهوريو هڪ موقعو ڏيو، مان لنڊن ڀڄي نه ويندس، بلاول

لاهور(ويب ڊيسڪ) بلاول ڀٽو لاهور ۾ وڏي هجوم کي خطاب ڪندي چيو ته مان 8 ڏينهن کان روڊ تي آهيان پر ايترو وڏو هجوم ڪٿي نه ڏٺو، اڄ لاهور ۾ جيالن جو ميڙ ۽ پي پي جا جهنڊا ڏسي وڏي خوشي ٿي آهي. اسانجي پارٽي جوبنياد هن شهر ۾ قائد عوام رکيو هو، هي اسانجو شهر آهي. هن چيو ته عوام جي قيادت کي سازش سان ختم ڪيو ويو. هن چيو ته شهيد راڻي انهن سازشين کي غلط ثابت ڪيو ۽ 1986 ۾ جلاوطني بعد هتي لينڊ ڪيو ۽ آمر ضياءَ الحق کي للڪاريو ۽ پنجاب جو آواز بڻي هئي. 30 سالن جي جدوجهد بعد جمهوريت بحال ڪرائي. هوءُ هڪ هٿين خالي ڇوڪري ضيا سان وڙهي، آمر مشرف سان وڙهي، ملڪ ۾ دهشتگردن ۽ پاڪستان دشمنن کي للڪاريندي رهي. شهادت قبول ڪئي پر پنهنجي موقف ۽ نطريي تان پوئتي نه هٽي. اڄ اسين ان جدوجهد کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. اسين ارڙهين ترميم جي صورت ۾ سڀني صوبن کي حق ڏياريا ۽ وسيلن جو مالڪ بڻايو. پنجاب کي به پنهنجو حق اسان ڏياريو هو. اڳ ۾ لاهور جو پئسو اسلام آباد ۾ خرچ ٿيندو هو ، اسين اين ايف سي ڏئي لاهور جا پئسا لاهور کي ڏياريا، اڄ ميٽرو ۽ اورينج لائن جيڪا هلي ٿي ان ۾ اسانجو به هٿ آهي.

اڄوڪا حڪمران به لنڊن ڀڃي ويندا، مان اوهان سان واعدو ڪريان ٿو ته مان اوهان سان گڏ رهندس، ڪيڏانهن ڀڄي نه ويندس. هن چيو ته قائد عوام پنج مرلا گهر اسڪيم هتان شروع ڪئي، ڪچي آبادين کي مالڪاڻا حق ڏنا، شهيد بي بي 7 مرلا اسڪيم شروع ڪئي، صدر زرداري بينظير ڪارڊ ڏنو، سرڪاري ملازمن پگهارن ۽ پينشن ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڪئي، فوجين جي پگهارن م پوڻا 2 سو فيصد واڌ ڪئي. هن ڪوڙي وزيراعظم 50 لک گهر ڏيڻ جو اعلان ڪيو، مان پڇان ٿو اوهان کي ڪو گهر مليو آهي. هن اسٽيل ملز جي 10 هزار ملازمن کي بيزوزگار ڪيو، 16 هزار ملازمن کي برطرف ڪيو. ان دوران ڪرائوڊ مان وزيراعظم بلاول جا زوردار نعرا لڳندا رهيا. هن چيو ته لاهور وارا هڪ چانس ڏيو پي پي کي خدمت ڪرڻ جو اسين گڏجي خدمت ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو