لانگ مارچ ڪيس: عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد جي مقامي عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 13 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عمران خان جو وڪيل بابر اعواڻ پيش ٿيو ۽ عدالت کي استدعا ڪئي ته عمران خان لاهور ۾ هجڻ سبب عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري سندس حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وڃي.عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي عبوري ضمانت ۾ 13 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.واضح رهي ته عمران خان خلاف ڪوهسار ٿاڻي ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو