قيدي کي ڳالهائڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي: راجا

قيدي کي ڳالهائڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي: راجا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته ڪوبه آئين قيدي کي ڳالهائڻ کان روڪي نٿو سگهي، پابندي جو جيل رول به غير آئيني آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته مان پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نه ڪرائڻ تي توهين عدالت جي هڪ ٻئي درخواست داخل ڪرڻ آيو آهيان. هن چيو ته ڪوبه آئين قيدي کي ڳالهائڻ کان نٿو روڪي سگهي انهي حوالي سان جيل رول جي تحت لڳايل پابندي به غير آئيني آهي.سلمان اڪرم راجا چيو ته قيدي جي آزادي ته ڦري ويندي آهي پر انهي جي زبان ۽ ذهن نٿو ڦري سگهجي. جڏهن ڪوبه شخص ڪنهن قيدي سان ملڻ ويندو آهي جيڪو انهي جي ذهن ۽ زبان تي اچي اهو ڳالهائي سگهي ٿو انهي تي ڪنهن به قسم جي پابندي آئين موجب نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته نظام جي کوکلي پن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيڪو ڪوڙ 8 فيبروري تي ٿيو عوام جي ووٽ تي جيڪو ڌاڙو هنيو ويو انهي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عوام کي اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته انهن جو مقدر صرف ناڪامي آهي. انهي جي ووٽ ۽ آواز تي ڪابه پابندي نه آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته عوام کي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته منهنجي اڳواڻ جي آزادي حڪمرانن جي رحم ڪرم تي آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني ئي سڀني کان وڏو اڳواڻ آهي اڄ هي ماڻهو ڊنل ۽ مونجهاري جو شڪار آهن. پي ٽي آءِ باني جو آواز بند ڪرڻ ئي هنن جو اصل مقصد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو