قيادت ڪائونسل جو ميمبر ۽ نئون ايراني فوجي ڪمانڊر مقرر

قيادت ڪائونسل جو ميمبر ۽ نئون ايراني فوجي ڪمانڊر مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)آيت الله علي رضا اعرافي کي قيادت ڪونسل جو فقيهه مقرر ڪيو ويو آهي۔
ايراني ميڊيا موجب قيادت ڪونسل عارضي طور سپريم ليڊر جا فرض انجام ڏيندي، ۽ علي رضا اعرافي ايراني سپريم ليڊر جا فرض نڀائيندڙ عبوري ڪونسل جو رڪن بڻجي ويو آهي۔
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽن ميمبرن واري ڪونسل ۾ ايران جو صدر مسعود پزشڪيان ۽ ايراني چيف جسٽس پڻ شامل آهن۔
ايراني ميڊيا موجب مجلس خبرگانِ رهبري طرفان نئون سپريم ليڊر چونڊجڻ تائين اها ڪونسل رهبر جا فرض انجام ڏيندي۔
ايران جو نئون فوجي ڪمانڊر
آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي دوران ڪيترن ئي سينيئر ايراني فوجي ڪمانڊرن جي موت کان پوءِ هاڻ اهو سوال پيدا ٿيو آهي ته ايران ۾ اهم فوجي شخصيت ڪير آهي۔
ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب هاڻ اها ذميواري ميجر جنرل علي عبداللهي Ali Abdollahi وٽ نظر اچي ٿي۔ هو هن وقت خاتم الانبيا سينٽرل هيڊ ڪوارٽر جو ڪمانڊر آهي، جيڪو قومي دفاع جي حوالي سان فوج ۽ پاسداران انقلاب ڪور وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪري ٿو۔ اسلامي انقلابي گارڊ ڪور اڳ ۾ ئي پنهنجو نئون ڪمانڊر مقرر ڪري چڪي آهي۔
رپورٽن مطابق عبداللهي اڄ تهران ۾ خامنه اي جي وفات تي سوڳ ڪندڙن ۾ شامل هو۔
هن چيو آهي ته ايران ”ميدانِ جنگ ۾ دشمنن جي ڌمڪين جو جواب ڏيندو“ ۽ اهو به چيو ته ”مسلح فوجن جي تياري اڳ کان وڌيڪ آهي“۔
عبداللهي تي جنوري 2020ع ۾ آمريڪا طرفان پابنديون لاڳو ڪيون ويون هيون، جڏهن ايران عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل حملا ڪيا هئا۔

پهنجو تبصرو موڪليو