قومي عوامي تحريڪ ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدن خلاف احتجاج

قومي عوامي تحريڪ ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدن خلاف احتجاج

حيدرآباد(ن سنڌيار)قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمن معاھدن خلاف مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا۔ ان ڏس ۾ قمبر ۾ ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي، حفيظ تونيو، علي اڪبر شيخ، مدد علي مغيري، علي گوھر جتوئي، امير بخش خاصخيلي، انعام اللہ ڪانڌڙو، سعيد مرکنڊ، فياض مرکنڊ، امتياز علي مغيري، اسد سنڌي، ضمير کور، معشوق مرکنڊ، اياز سرتاج چانڊيو، اياز مغيري ۽ ٻين لاڙڪاڻا اسٽاپ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو۔ ٽنڊو محمد خان ۾ ھاشم ڪنڀر، حنيف باگراڻي، اياز لطيف رند، شڪيل ڪنڀر، رمضان رند، ارشاد باگراڻي، منظور رند، عزيز رند، ونود ڪمار، اشوق ڪمار، سادو مل ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي آمنت ڪنڀر، پروين رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حبيب بئنڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي۔ ڪوٽڙي ۾ عبدالستار لُهر، شبير ساند، مقصود جهتيال، اياز علي ساند، ذاڪر بلوچ، محمد عرس رند، اسد يوسف زئي، محمد انور ساند، لياقت علي گبول، وقار احمد ساند، آزاد جهتيال، عامر علي کوسو، مير مختيار لهر، محمد فضل بلوچ، مبارڪ احمداڻي جي اڳواڻي المدينہ چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو۔ مير پور خاص ۾ اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي انور نوحاڻي، شوڪت نوحاڻي، عبدالمجيد ٻگهيو، ڪامريڊ ڪرڙ رٻاري، ڪامريڊ رازو مل ڪولهي، هادي بخش ڀرڳڙي، مشتاق ٻگهيو، رسول بخش پنهور ڪئي۔ شهدادپور ۾ خادم حسين ڪٽوهڙ، ضلعي صدر آتم ڀيل، ممتاز رند، علي حسن خير شاهي جي اڳواڻي ۾ سٽي پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي۔ ڪنڌڪوٽ ۾ ارصلا بھلڪاڻي، سجاد بروھي، فدا مھمداڻي، اعجاز بجاراڻي، شعيب ڊومڪي، سرمد جاگيراڻي، شاھ علي سھرياڻي، علي مراد سبزوئي، ڊاڪٽر قدرت الله باجڪاڻي، موھن لال، شاھمور سھرياڻي، رحمت الله ڇڄڻ، غفور محمداڻي، رميش لعل، روھت ڇاٻڙيا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريل ڪڍي وئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ڪرپشن جي ڪيسن کان بچڻ لاء ايم ڪيو ايم سان سنڌ دشمن معاھدو ڪيو آھي۔ ايم ڪيو ايم عالمي سامراجي طاقتن جي ايجنٽ آھي۔ عالمي سامراجي طاقتون پاڪستان کي ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ چاھين ٿيون، ايم ڪيو ايم سدائين انھن طاقتن جي اشاري تي پاڪستان کي ٽوڙڻ لاء سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ نئين صوبي جي نالي ۾ نئون اسرائيل ٺاھڻ جي سازش ڪئي آھي۔ نوان انتظامي يونٽ ٺاھڻ جو مطلب سنڌين جو تاريخي وطن سنڌ کي ٽوڙڻ آھي۔ سنڌ کي ٽوڙڻ جو مطلب پاڪستان کي ٽوڙڻ آھي ۽ ڪروڙين سنڌي ڪڏھن بہ ملڪ دشمن سازش ڪامياب ٿيڻ نہ ڏيندا۔ اڳواڻن چيو تہ پ پ، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمن معاھدي مطابق ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص انتظامي طور دھشتگرد مافيا حوالي ڪرڻ آھي۔ اردو ڳالھائيندڙ اسان جا ڀائر آھن۔ اھي نفرت نٿا چاھين پر پ پ ۽ ن ليگ ايم ڪيو ايم کي زندھ ڪرڻ لاء انھن سان نفرت وارو سنڌ دشمن معاھدو۔ڪيو آھي۔ گورنرشپ، آئي جي سنڌ، پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين شپ دھشتگردن کي ڏيڻ سان سنڌ ٻيھر دھشتگردن جي ور چڙھي ويندي۔ اڳواڻن چيو ته پ پ ـ ن ليگ جا ايم ڪيو ايم سان معاھدا عملي طرح سنڌ ورھائڻ جو منصوبو آھي۔ سنڌ جا ڊوميسائل رد ڪرائڻ مختلف کاتن جي سنڌي ملازمن کي ڪراچي مان بدلي ڪري ٻين ضلعن ۾ موڪلڻ نفرت ۽ دھشتگردي آھي۔ اڳواڻن چيو تہ اقتداري راند ۾ سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ ڪنھن بـ صورت ۾ قبول ناھي۔ لنڊن APC ۾ فيصلو ٿيو ھو تـ ايم ڪيو ايم دھشتگرد تنظيم آھي، ان سان ڪا به سياسي ڌر اتحاد نہ ڪندي۔ سنڌي ماڻھو ڪنھن بـ صورت ۾ سنڌ جي وحدت تي وار ۽ وسيلن جي ڦر لٽ قبول نه ڪندا۔ جيڪڏھن سنڌ دشمن معاھدا ختم نہ ٿيا ته ان جا نتيجا تمام ڀوائتا نڪرندا، جنھن جو ازالو ممڪن نـ ھوندو۔ اڳواڻن چيو تہ پيپلز پارٽي ن ليگ کي چئي ايم ڪيو ايم سان نوان صوبا ٺاھڻ جو ٺاھ ڪري سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ڪئي آھي۔ غدار حڪمران اقتدار ۽ پئسن لاء ڪنھن بہ حد تائين وڃي سگھن ٿا۔ سنڌ جي سوديبازي جي مزاحمت ڪنداسين۔ سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو پ پ، ن ليگ جي ايم ڪيو ايم سان معاهدي کي مڪمل رد ڪن ٿا۔ هن معاهدي سان سنڌ جي تاريخي حقن ۽ اختيارن جي ورڇ ڪئي وئي آهي. سنڌ جي جاگرافيائي وحدت، سنڌين جي بنيادي انساني حقن، اختيارن ۽ نوڪرين جي ورهاست جو ڪنھن کي بہ اختيار ناھي۔ ايم ڪيو ايم پهرين ڏينهن کان سنڌ جي خلاف سازشون ڪندي رهي آھي. موجوده معاهدي ۾ بہ لساني بنيادن تي سنڌ جي وحدت لاءِ چٽي طرح گهر ڪري هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪيو آهي تہ ايم ڪيو ايم جي سياست سنڌ جي قومي وحدت ۽ ڌرتي ڌڻين جي قومي مفادن جي خلاف آهي. اقتدار بچائڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي هن جنگ ۾ سنڌ جي حقن ۽ اختيارن جو سودو ڪرڻ جي ڪنهن کي بہ اجازت نہ ڏينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو