حيدرآباد(ن سنڌيار)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ بنيادي حقن جي تحريڪ ۾ وڪيل برادري جو وڏو ڪردار رهيو آهي. ماضي ۾ آمريتن خلاف نه صرف قانوني ويڙهه ڪئي پر روڊن رستن تي به جدوجهد ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترقي پسند ھائوس حيدرآباد تي حيدرآباد بارڪائونسل جي نون چونڊيل عھديدارن کي ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب وڌيڪ چيو ته ضياء جي آمريت ويندي مشرف جي آمريت تائين اسان وڪيلن سياسي ڪارڪنن جدوجهد ۾ نه صرف پنهنجو پگهر وهايو پر پنهنجي زندگيون ڏئي ھن ملڪ جي اندر جمهوريت جي نظام کي بحال ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اندر قومي تحريڪ سان سنڌ جي وڪيلن کي به پاڻ ملهايو آهي ٽوڙهي ڦاٽڪ کان ويندي بحريا ٽائون جي ڪيسن ۾ سنڌ جا وڪيل بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي رضاڪارانه بنيادن تي سنڌ جي قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا ڀرجهلا ٿي بيٺا آهن. سنڌ جي قومي جدوجهد جي تاريخ ۾ سنڌ جي وڪيلن جي جدوجهد جي ذڪر کانسواءِ اڻپوري آهي. آجياڻي تقريب ۾ ماما يوسف لغاري, غلامﷲ چانگ قانوندان اندر جيت لوهاڻو قانوندان سچل اعواڻ , قانوندان ستار سرڪي, قانوندان شبير شر, قانوندان فهد ابڙو, قانوندان فضل قادر ميمڻ, قانوندان سرواڻ بليدي, قانوندان تاج محمد ڪيريو, قانوندان ذوالفقار ٿيٻو, قانوندان الطاف اعواڻ, قانوندان اعجاز چانڊيو سميت جونيئر قانوندانن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو, حيدر شاهاڻي, حيدر ملاح, عاشق سولنگي , قادر چنا,امتياز سمون, ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ, هوت خان گاڏهي, ڄام شوڪت ابڙو, ڊاڪٽر احمد نوناري, گوتم چنا, محمد علي ابڙو, قانوندان سرواڻ مگسي, گلاب لاکو, رستم لاشاري ۽ محمد سائين موجود پڻ موجود هئا.










