دوحه (ويب ڊيسڪ) قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ حماس قيادت جي ميٽنگ واري جاءِ تي اسرائيل ميزائيل حملو ڪيو آهي. حماس جي پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر سهيل الهندي الجزيره کي ڏنل انٽرويو ۾ 5 ڄڻن جي قتل جي تصديق ڪئي آهي، جن ۾ خليل الحيه جو ويجهو ۽ اهم ساٿي، سندس پٽ حمان ۽ حيه جا 3 باڊي گارڊ شامل آهن. الهندي موجب خليل الحيه زنده آهي. مارجي ويلن جا نالا به ظاهر نه ڪيا ويا آهن. دوحه ۾ آمريڪي سفارتخاني پنهنجي شهرين کي خصوصي طور قائم ڪيل شيلٽر ۾ رهڻ جي صلاح ڏني آهي وائيٽ هائوس جي ترجمان فوري تبصري کان انڪار ڪندي چيو ته هو تفصيل معلوم ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري اينتونيو گوتريس حملي جي مذمت ڪئي آهي. اسرائيل جي اسپيڪر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته سڄي مشرق وسطيَ لاءِ هي واضح پيغام آهي. ابتدائي اطلاعن موجب حملي ۾ حماس جي سينئر اڳواڻ خليل الحيه جي مارجڻ جي خبر آئي پر ڪجهه دير بعد الجزيره ٽي وي حماس ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني ته حملي ۾ حماس قيادت محفوظ آهي ۽ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. اجلاس ۾ حماس جا 5 سينيئر اڳواڻ موجود هئا. حماس جي سينيئر اڳواڻن ۾ خالد مشعل، خليل الحيه، ظاهر جبارين، محمد درويش ۽ ابو مرزوق اجلاس ۾ موجود هئا. اجلاس ۾ شريڪ ٻين حماس اڳواڻن بابت وڌيڪ تفصيل سامهون ناهن آيا. قطري حڪومت جو چوڻ آهي ته جنهن جاءِ تي حملو ٿيو ان جي آس پاس حماس جي سياسي ونگ جا ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا ۽ اسرائيل هڪ رهائشي علائقي تي حملو ڪيو آهي. بي بي سي، سي اين اين ۽ نيويارڪ ٽائمز اسرائيلي فوج جي حوالي سان خبر جي تصديق ڪئي آهي. اسرائيلي ميڊيا جي دعوا آهي ته هن حملي ۾ آمريڪا جي اسرائيل کي مدد به شامل آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته دوحه جي ڪتارا واري علائقي ۾ هڪ ٻئي پٺيان ڌماڪا ٿيا ۽ ڪاري دونهني جو بادل آسمان ۾ نظر پئي آيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج حملي کان اڳ آمريڪي قيادت کي آگاهه ڪيو هو. حماس جا اهم اڳواڻ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي عذا ۾ جنگبندي بابت ڏنل تجويز تي غور لاءِ ميٽنگ ڪري رهيا هئا. قطر جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وطن جي سلامتي ۽ خودمختاري خلاف ورزي قبول ناهي، حملو بين الاقوامي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. حملي بعد قطر جا جنگي جهاز فضائي گشت به ڪندا رهيا.










