ايران جو قطر ۽ عراق ۾ آمريڪي ايئر بيسز تي ميزائيل حملا

ايران جو قطر ۽ عراق ۾ آمريڪي ايئر بيسز تي ميزائيل حملا

دوحا(ويب ڊيسڪ) ايران جو قطر ۽ عراق ۾ واقع آمريڪي ايئر بيسز تي ميزائيل حملا ڪيا آهن ۽ سعودي عرب ۾ آمريڪي اڏي تي سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا آهن. فوري طور تي ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو ۽ نه ئي اها تصديق ٿي آهي ته ڪو ميزائيل زمين تي لڳو آهي، ڇو ته فضائي دفاعي نظام سڀ ميزائيل خلا ۾ ئي تباهه ڪيا ويا آهن. قطر حملي جي مذمت ڪئي آهي، ايران چيو آهي ته حملي جو مقصد برادر اسلامي ملڪ قطر کي نقصان پهچائڻ ناهي. آمريڪي ميڊيا دعوا ڪئي آهي ته ايران هملي کان اڳ قطر کي آگاهه ڪيو هو. قطر جي علائقي العديد ۾ واقع آمريڪي ايئربيس تي ميزائيل فائر ڪيا ويا آهن. حملي جي آمريڪا جي دفاع واري وزارت پينٽاگون تصديق ڪندي چيو آهي ته آمريڪا صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ سچوئيشن روم ۾ موجود آهي. 1996 کان قائم دوحا شهر کان ٻاهر هي ايئربيس آمريڪا ۽ برطانيا جا فوجي روٽيشن جي بنياد تي استعمال ڪندا آهن. وچ اوڀر ۾ آمريڪا جو هي وڏو اهم اڏو آهي. هن اڏي تي حملي جو وڏو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو. قطر عارضي طور فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون هيون، آمريڪا ۽ برطانيا پنهنجي شهرين کي محفوظ جاين تي منتقل ٿيڻ جي صلاح ڏني هئي. ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪا هتان پنهنجا فوجي سعودي عرب منتقل ڪيا هئا. حملي بعد گڏيل عرب امارات به فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن. بحرين ۾ آمريڪا جو ففٿ فليٽ موجود آهي. هن سامونڊي ٻيڙي تان جنگي هوائي جهاز به اڏامي سگهن ٿا.

Courtesy BBC

هن خبر ۾ وڌيڪ تفصيل شامل ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو