قطر جي دوري جا ٻه اهم رخ ذڪر جوڳا آهن: وزيراعظم

قطر جي دوري جا ٻه اهم رخ ذڪر جوڳا آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف قطر کان واپسي تي پيغام جاري ڪيو آهي.وزيراعظم شاندار آجيان ڪرڻ ۽ بهترين ميزباني تي قطري حڪومت، عوام ۽ شيخ تميم بن احمد الثاني جو خاص ٿورو مڃيو.وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته قطر جو اهم دورو پورو ڪري اڄ پاڪستان وڃي رهيا آهيون، قطر دوري جا ٻه اهم رخ ذڪر جوڳا آهن، پاڪستان ۽ قطر مستقبل بابت واضح ويجن رکن ٿا.هن چيو ته تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ نوان مواقعا سامهون اچي رهيا آهن ان لاءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن لاءِ معاشي سهڪار کي مرڪزي حيثيت ڏيڻ جي ضرورت کان آگاهه آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو