قزاقستان ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿي رهيو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ

قزاقستان ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿي رهيو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ

قزاقستان (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته قزاقستان ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿي رهيو آهي. وڌيڪ ملڪ به ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿيندا.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ پنجن وچ ايشيائي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جتي انهن غزه، ايران، روس ۽ يوڪرين ۾ جنگ جي مسئلن تي بحث ڪيو.ان موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته قازقستان جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا آهن، ابراهيم معاهدن ۾ شامل ٿيڻ علامتي آهي.وچ اوڀر لاءِ آمريڪا جي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف ڪالهه چيو هو ته اڄ رات هڪ ٻيو ملڪ ‘ابراهيم معاهدن’ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندو، جنهن تحت اسرائيل ۽ مسلم اڪثريتي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو