ٽن صوبن ۾ ايس او پيز تي عمل لاءِ فوج طلب،نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو کاتي پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل لاءِ فوج طلب ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ سرڪار جي درخواست باوجود صوبي ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو نه ٿيو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ٽن صوبن سان گڏ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ به فوج طلب ڪئي وئي آهي، ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عمل لاءِ پاڪ فوج جون خدمتون ورتيون وينديون. سنڌ ۾ فوج بابت فيصلو ناھي ٿيو، ڪورونا جي صورتحال خطرناڪ ٿي وئي آھي، ڀارت ۾ روزانو ھزارين ڪيس ظاھر ٿي رھيا آھن، فوج سول انتظاميھ جي ايس او پيز تي عملدرآمد بابت مدد ڪندي..

پهنجو تبصرو موڪليو