اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خلاف ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر سان ڳالهائيندي چيو آهي ته انصاف ڪيو وڃي، بيگناهه قرار ڏيو، ظلم جي حد بندي ڪئي وڃي.اي ٽي سي ۾ شاهه محمود قريشي خلاف داخل ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.وڪيل علي بخاري دليل ڏيندي چيو ته شاهه محمود قريشي سان گڏ شريڪ جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي.پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته شاهه محمود قريشي تي اشتعال پکيڙڻ جو الزام آهي.اي ٽي سي جي جج ابوالحسنات چيو ته گذريل ٻڌڻي تي چيو هو ته انصاف ڪريو، جيڪڏهن ڏوهه ناهي ته کيس بيگناهه بڻايو وڃي.پراسيڪيوٽر جج سان ڳالهائيندي چيو ته شاهه محمود قريشي بيگناهه ناهي، هن وقت تائين کيس وڏو رليف ڏنو ويو آهي.جج ابوالحسنات پراسيڪيوٽر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪيس ۾ رليف جو فيصلو مان ئي ڪندس، اهڙو رويو برداشت نه ڪندس، ثبوت پيش ڪرڻا آهن، ڪيس معمول موجب هلندا ته ڪم ڪيئن ٿيندو. ظلم جي انتها ناهي. اي ٽي سي جي جج ابوالحسنات ايندڙ ٻڌڻي تي جي آءِ ٽي جي ٻن ميمبرن کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو.جج ابوالحسنات شاهه محمود قريشي جي ضمانت ۾ پهرين سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.










