قدرتي آفتون، وڌندڙ قرض ۽ توانائي جهڙا مسئلا پريشان ڪندڙ آهن

قدرتي آفتون، وڌندڙ قرض ۽ توانائي جهڙا مسئلا پريشان ڪندڙ آهن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي، قدرتي آفتون، وڌندڙ قرض ۽ توانائي جهڙا چئلينجز خطري جي گھنٽي آهن.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارا هڪ ڊگهي وقت کان اهم مطالبو رهيو آهي، اهو مطالبو عالمي ماهرن ۽ اڳواڻن مختلف فورمن تي ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته مسئلن جي گلوبلائيزيشن تي غور لاءِ تخليقي انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ عالمي مالياتي نظام ۾ جامع سڌارن ۽ قدمن تي اتفاق جو موقعو آهي.هن چيو ته فرانس جي دوري دوران عالمي مالياتي ادارن کي ٻيهر منظم ڪرڻ جي ضرورت تي موقف پيش ڪندس.وزيراعظم جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ملڪ جي حيثيت سان ان ڪردار لاءِ بهتر پوزيشن ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو