قتل جي ڏوهه ۾ ملوث 2 جوابدارن کي 2 ڀيرا ڦاهيءَ جي سزا

قتل جي ڏوهه ۾ ملوث 2 جوابدارن کي 2 ڀيرا ڦاهيءَ جي سزا

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ٻٽي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي 2 ڀيرا ڦاهيءَ ڏيڻ جي سزا ڏني وئي. عدالت ۾ ٻن سئوٽن فرمان علي ۽ خان محمد ملاڻو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري جنهن دوران پوليس جوابدارن کي پيش ڪيو. عدالت ٻڌڻي بعد فيصلو جاري ڪيو۽ ٻٽي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار رابيلو ملاڻو ۽ مير ملاڻو کي ٻه ٻه ڀيرا ڦاهيءَ ۽ پنج پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. جڏهن ته عدالت 13 ڊي جي ڪيس ۾ به ساڳين جوابدارن کي 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. واضح رهي ته 6 سال اڳ جروار ٿاڻي جي حد ۾ سزا مليل جوابدارن فائرنگ ڪري ٻن سئوٽن کي قتل ڪري ڇڏيو هو وڪيل لياقت ملاڻو جي فرياد تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو