قبائل ۾ جهيڙو، پشاور پارا چنار هاءِ وي بند، لکين شهري ڦاٿل

قبائل ۾ جهيڙو، پشاور پارا چنار هاءِ وي بند، لکين شهري ڦاٿل

پاراچنار (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي پارا چنار ضلعي ۾ قبائلي تڪرار سبب 5 لک جي آبادي گهيري هيٺ آهي.پارا چنار سينٽرل هاءِ وي کي سڪيورٽي خدشن سبب مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي ۽ سينٽرل هاءِ وي کي 15هين ڏينهن به بند ڪيو ويو آهي.هاءِ وي جي بندش سبب علائقي ۾ روزاني ضرورت جون شيون غائب ٿي ويون آهن، دوائن ۽ بهتر علاج نه ٿيڻ سبب ماڻهو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.ان کان علاوه مريضن کي پشاور منتقل ڪرڻ ۽ آڪسيجن سلينڊر نه هجڻ سبب پريشانيون وڌي ويون آهن جڏهن ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ هن وقت تائين 10 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو