سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر) پوليس موبائلن ۽ ٻين گاڏين ۾ سوار قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سيٺارجا لڳ پير بخش راڄپر ۾ نوابشاهه ضلعي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول يار محمد جمالي ۾ نوڪري ڪندڙ ايڇ ايس ٽي استاد ۽ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ الهوڌايو راڄپر جي اوطاق تي چڙهائي ڪري کيس حراست ۾ وٺي پاڻ سان گڏ کڻي ويا جڏهن ته انهن پاران اهڙي ڪارروائي جي سبب بابت ميڊيا توڙي وارثن کي ڪجهه به نه ٻڌايو ويو. الهوڌايو راڄپر جي فرزند وڪيل احمد راڄپر ٻڌايو ته بابا ۽ اسان اوطاق ۾ ويٺل هياسين ته پوليس موبائلون، ڪارون ويگو سميت ٻين گاڏين ۾ سوار مرد توڙي عورت اهلڪارن اچي پهريان منهنجي ڀاءُ خليل احمد جي پڇا ڪئي جيڪو موجود نه هيو جنهن بعد هو بابا کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ اسان جي پڇڻ تي انهن ڪوبه سبب نه ٻڌايو هن چيو ته اهڙي عمل سبب اسين سخت پريشاني جو شڪار آهيون ۽ آءِ جي سنڌ توڙي اعلى اختيارين کي اپيل آهي ته اسان جي والد جي گرفتاري جو سبب ٻڌائڻ سميت ان کي ظاهر ڪري جيڪڏهن ڪو الزام آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.










