اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان جي 77 هين يوم آزادي جي موقعي تي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهروارن پاران هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي.قاضي فيض عيسيٰ ۽ سندس خاندان بلوچستان حڪومت کي 31 هزار 680 چورس فوٽ زمين عطيو ڪئي آهي.قاضي خاندان بلوچستان حڪومت کي زمين ڏيڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.خط تي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ۽ قاضي عظمت عيسيٰ جا به دستخط آهن.خط جي متن موجب قاضي خاندان 77 هين يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي زمين قوم کي عطيو ڪئي آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته عطيو ڪيل زمين زيارت ۾ قائداعظم ريزيڊنسي جي ڀرسان آهي، زمين کي عوام جي مفاد ۾ ماحولياتي مرڪز طور استعمال ڪيو ويندو، قاضي خاندان جي اها زمين عوام جي حوالي ڪئي ويندي.










