نئون ديرو (ن س )نئون ديرو لڳ ڳوٺ ڦلپوٽا جي رھواسي غلام قادر ناريجو طرفان پلاٽ تي قبضي خلاف شيخ برادري جي صفر،قربان،ٻانھو،رجب،معشوق،سھڻو،شيراز،وقار،نثارشيخ خلاف ٻارڙن سميت احتجاج ڪيو ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ھن چيو تہ آھي مٿين شيخ برادري جي ھٿياربندن اسان جي ڳوٺ ۾ پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪيو آھي ڪجھ ڏينھن اڳ منھنجي ڀاء اي ايس آء رحيم بخش ناريجو تي شيخ برادري جي مٿين جوابدارن قاتلانہ حملو ڪيو ھو جنھن ۾ ھو معجزانہ طور بچي ويو ھو جوابدارن اسان جي پلاٽ جي ديوار بہ ڊاھي ڇڏي آھي جيڪي درخواستون ڪيٽي ممتاز ٿاڻي تي ڪيون آھن پر جوابدارن تي ڪابہ ڪاروائي نہ پئي ٿئي ،ان کان علاوہ منھنجي ننڍڙن پٽن عبدالقدوس،عبدالقيوم تي بہ ڪتن جي بڇ ڪئي وئي جنھن ۾ منھنجا معصوم بچڙا محفوظ رھيا،مان سنڌ ھاء ڪورٽ ،چونڊيل نمائندن ،آئي جي سنڌ،ڊي آئي جي ،ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کي اپيل ٿو ڪيان تہ نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪري جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.










