ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي قائد آباد ۾ قتل ڪئي ويندڙ 3 سالن جي نينگريءَ جي پوسٽ مارٽم ۾ زيادتي ۽ تشدد جي تصديق ٿي وئي آهي. ڳالهه ٻولهه ڪندي پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد ٻڌايو آهي ته مقتولہ جي پوسٽ مارٽم ۾ زيادتي ۽ تشدد جي تصديق ٿي وئي آهي.ڊاڪٽر سميعه ٻڌايو ته موت جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ محفوظ ڪئي وئي آهي، ڪيميڪل ايگزيمن (کيميائي معائني) جي رپورٽ اچڻ تي موت جي سبب جو تعين ٿيندو. ٻئي طرف، واقعي جو ڪيس قائد آباد ٿاڻي تي نينگريءَ جي پيءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اغوا، زيادتي ۽ قتل جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ڪيس جي فرياديءَ موجب، منهنجي ڌيءَ ٻاهر وئي هئي جيڪا واپس نه آئي ته گهرواريءَ مون کي ڪال ڪئي، اسان ٻارڙيءَ کي ڳوليو پر ڪو پتو پئجي نه سگهيو. نينگريءَ جي پيءُ جو چوڻ آهي ته رات جو جڏهن گهر پهتاسين ته پاڙي ۾ هجوم هو، پاڙي وارن ٻڌايو ته نامعلوم ماڻهو ڌيءَ جو لاش ٻوريءَ ۾ اڇلائي ويا آهن، جنهن کانپوءِ منهنجي پيءُ تصديق ڪئي ته اهو لاش منهنجي ڌيءَ ڪلثوم جو هو.










