ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 77 هين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي. اڄ مختلف تقريبن ۾ باباءِ قوم محمد علي جناح کي ڀرپور طريقي سان خراجِ عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي. باني پاڪستان جي مزار تي اڄ مشهور شخصيتن سميت شھرين جي حاضري جو سلسلو جاري آهي. جتي گلن جون چادرون به چڙهايون پيون وڃن. باباءِ قوم جي يومِ وفات جي سلسلي ۾ مختلف تنظيمون ملڪ ڀر ۾ سيمينار، مذاڪرا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. اڄ صبح سوير سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي ڪابينا سميت مزارِ قائد تي حاضري ڏئي، فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چڙهائي. ان موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪرڻ سان ئي ملڪ کي ترقي ۽ استحڪام ملي سگهي ٿو. جڏهن ته قائداعظم جي خواب جي تعبير نوجوانن جي محنت ۽ عزم ۾ آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي شهيد ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو هو. شهيد محترمه ڀٽو هن ملڪ کي ميزائيل ٽيڪنالوجي ڏئي دفاع کي مضبوط بڻايو. هن ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي ندا ڪندي چيو ته اسين اسرائيل جو غرور به ڀارت جيان خاڪ ۾ ملائينداسين. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڌار جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان جي باني کي ڀرپور خراج پيش ڪندي سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو.










