في تولو سون 35 هزار 500 رپيا سستو

في تولو سون 35 هزار 500 رپيا سستو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪي تاريخ ۾ سون جي اگهه ۾ سڀ کان وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 35 هزار 500 رپيا سستو ٿيڻ بعد 5 لک 37 هزار 362 رپين جو ٿي ويو آهي. ايسوسيئيشن موجب، اهڙي طرح 10 گرام سون 30 هزار 435 رپيا لاٿ بعد 4 لک 60 هزار 701 رپين ۾ وڪروٿي رهيو آهي..ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جو اگهه 355 ڊالر گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ في اونس 5150 ڊالر جو ٿي ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران سون 42 هزار رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو