فيلڊ مارشل جي ايراني قيادت سان ڳالهين ۾’اهم اڳڀرائي‘ ڪنهن به وقت وڏو اعلان متوقع

فيلڊ مارشل جي ايراني قيادت سان ڳالهين ۾’اهم اڳڀرائي‘ ڪنهن به وقت وڏو اعلان متوقع

اسلام آباد(ايڊيٽر ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران ۾ اڻ سڌين ڳالهين ۾ تمام اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪنهن به وقت وڏو اعلان سامهون اچي سگهي ٿو. اها اڳڀرائي فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ گهر وزير محسن نقوي جي 24 آگسٽ واري ايران جي هڪ ڏينهن واري دوري دوران ٿي آهي.
پاڪستاني ٽيم سومر تي رات جو واپس اسلام آباد پهچي وئي ۽ گهرو وزير محسن نقوي ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ’ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ منهنجي ايران جي صدر سان انتهائي مثبت ۽ فائديمند ملاقات ٿي‘.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڳالهه ٻولهه جو مرڪز ايران-آمريڪا تڪرار، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي رستي سان گڏوگڏ اهي قدم هئا، جيڪي ٻنهي ڌرين کي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (MoU) جي بحالي لاءِ کڻڻا پوندا، ته جيئن آخرڪار تڪرار جو جامع حل ممڪن بڻجي سگهي.
ٽوئيٽ موجب ايراني صدر پنهنجي حڪومت جو موقف ۽ خدشا کليل نموني اسان سان شيئر ڪيا، ۽ اسان لاڳاپيل معاملن تي انتهائي تعميري انداز ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
محسن نقوي ٻڌايو ته ايران سان ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي ۽ ملاقات انتهائي مثبت نتيجي سان ختم ٿي. ’اسان کي اميد آهي ته ڳالهين ۾ پيدا ٿيل هي اڳڀرائي اڳتي وڌيڪ پيش رفت ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ رستو هموار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.‘
هوڏانهن ايراني صدر مسعود پزشڪيان عاصم منير سان ملاقات دوران چيو ته آمريڪا کي ايران بابت پنهنجو لهجو ۽ رويو تبديل ڪرڻ گهرجي.

پزشڪيان موجب آمريڪا جو دٻاءُ، زبردستي ۽ ڌمڪين وارو طريقو معاملن کي وڌيڪ پيچيده ڪندو. هن سفارتڪاري ۽ احترام تي ٻڌل ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو.
اڄ، 25 آگسٽ تي ايراني صدر جي آفيس جي ڪميونيڪيشن ۽ انفارميشن بابت ڊپٽي، سيد مهدي طباطبائي، عاصم منير جي دوري کي ”تمام گهڻو فائديمند“ قرار ڏنو.
هن چيو ته دوري دوران ”تمام اهم سفارتي ڪاميابيون“ حاصل ٿيون آهن ۽ انهن جا نتيجا جلد سامهون ايندا. هن ڪجهه ميڊيا رپورٽن کي ”غلط قياس آرائي“ قرار ڏيندي چيو ته دوري بابت اصل نتيجا جلد واضح ٿي ويندا.
هي بيان خاص اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ايران پاڻ عاصم منير جي دوري کي صرف معمولي سفارتي ملاقات قرار ڏيڻ بدران اهم سفارتي اڳڀرائي سان ڳنڍي رهيو آهي.
ايران جي اعليٰ سلامتي واري عهديدار محسن رضائي عاصم منير سان ملاقات ۾ آمريڪا بابت سخت موقف ورجايو. ايراني طرفان چيو ويو ته آمريڪا کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻ ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (MoU) جي شرطن تي عمل لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن.
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف به عاصم منير سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته ايران جون ۾ آمريڪا سان ٿيل اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد چاهي ٿو.
ان يادداشت تحت ٻنهي ملڪن کي 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي لاءِ ڳالهين ڏانهن وڌڻو هو، پر 17 آگسٽ تي اها مدت ختم ٿي وئي ۽ ان کان اڳ ئي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر وڌي وئي.
مجموعي نتيجو ڇا ٿو نڪري؟
منهنجي خيال ۾ هن وقت تائين سامهون آيل ايراني بيانن مان ٽن ڳالهين تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي: ايران ڳالهين جو دروازو مڪمل طور بند ڪرڻ بدران مذاڪرات ۽ سفارتي حل لاءِ رستو کليل رکڻ چاهي ٿو، پر تهران جو واضح مطالبو آهي ته آمريڪا کي پنهنجو دٻاءُ ۽ رويو تبديل ڪرڻو پوندو ۽ ايران جي صدر جي آفيس جو ”تمام اهم سفارتي ڪاميابين“ وارو بيان اشارو ڏئي ٿو ته عاصم منير جي ملاقاتن ۾ ڪجهه اهڙا نقطا طئي ٿيا آهن، جن جا تفصيل شايد جلد سامهون اچن.
هن وقت سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ايران جنهن ”تمام اهم سفارتي ڪاميابي“ جو ذڪر ڪيو آهي، اها اصل ۾ ڇا آهي. ان جا تفصيلي نقطا اڃا سرڪاري طور مڪمل طور ظاهر نه ڪيا ويا آهن.
قطر آمريڪي پابندين کي هڪطرفو قرار ڏنو آهي
قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ايران تي آمريڪي پابنديون هڪ طرفيون آهن، رائٽرز جي رپورٽ موجب ترجمان چيو ته مسئلي جو حل سفارتي طور ڳوليو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته قطر هن معاملي جي حل لاءِ ثالثي وارين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو.
ايران تي آمريڪي پابندين بعد چين پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪندو
چين چيو آهي ته واشنگٽن طرفان ايران جي معاشي ساٿي چين جي معاشي ”گهُٽ“ لاءِ منصوبا سامهون آڻڻ کانپوءِ هو پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪندو. آمريڪا ڪجهه ادارن، جن ۾ چين جا ادارا پڻ شامل آهن، تي ڏنڊ لاڳو ڪندي ثانوي پابندين جون ڌمڪيون وڌائي رهيو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لِن جيان هڪ باقاعده پريس بريفنگ ۾ چيو ته ”چين ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪو آهي ته هو غيرقانوني هڪ طرفين پابندين جي سخت مخالفت ڪري ٿو… چين پنهنجي حقن ۽ مفادن جي مضبوطي سان تحفظ لاءِ سڀ ضروري قدم کڻندو.“ اها ڳالهه اي ايف پي رپورٽ ڪئي آهي.
آمريڪي سفارتڪارن وچ اوڀر ڏانهن واپسي جاري
آمريڪي پرڏيهي وزارت وچ اوڀر ۾ انهن آمريڪي سفارتخانن ڏانهن سفارتڪارن کي واپس موڪلڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جن کي ايران سان جنگ کان اڳ ۽ جنگ دوران خالي ڪرايو ويو هو. رائٽرز موجب نيويارڪ ٽائمز آمريڪي پرڏيهي وزارت جي هڪ اندروني دستاويز جو حوالو ڏيندي اها خبر ڏني آهي. رپورٽ موجب آمريڪي فارن سروس جي آفيسرن جي واپسي ۽ خطي ۾ آمريڪي سفارتي مشنز تي هنگامي قدمن ۾ گهٽتائي جو عمل هن ئي هفتي جي شروعات ۾ ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو