راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته جنرل رٽائرڊ فيض حميد جو معاملو فوج جو اندروني معاملو آهي، منهنجو اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڪو به تعلق ناهي. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته جنرل رٽائرڊ فيض سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي. عمران خان چيو ته جنرل رٽائرڊ فيض حميد سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي، جنرل رٽائرڊ فيض جو معاملو فوج جو اندروني معاملو آهي.هن چيو ته افغانستان جو معاملو هلي رهيو آهي ان ڪري هو جنرل فيض حميد کي هٽائڻ نه ٿا چاهين، جنرل فيض حميد کي هٽائڻ واري معاملي تي جنرل باجوه سان به مون کي تلخي هئي.










