فوج جو سياسي معاملن سان ڪو واسطو ناهي، ترجمان

فوج جو سياسي معاملن سان ڪو واسطو ناهي، ترجمان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) فوجي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته فوج جو سياست سان ڪو واسطو ناهي، فوج کي سياسي معاملن ۾ نه گهليو. مان اڳ ۾ به واضح ڪري چڪو آهيان ۽ هاني به چوان ٿو ته فوج جو ڪو به سياسي ڪردار ناهي، ان بابت بحث نه ڪريو ۽ قياص آرائيون نه ڪيون وڃن. اهڙو اظهار هن ڀارت مان آيل ميزائيل بابت بريفنگ دوران سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. جڏهن کائنس پڇو ويو ته عدم اعتماد جي تحريڪ جي تناظر ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن فوج جي اداري جو ذڪر ٿي رهيو آهي. جنهن جي جواب ۾ هن اهي ڳالهيون ڪيون هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ته فوج جو سياسي معاملن سان واسطو ناهي. ياد رهي ته اپوزيشن وارا چون ٿا ته امپائر نيوٽرل آهي، فواد چوڌري چيو آهي ته فوج جيڪڏهن حڪومت سان گڏ نه بيٺي ته اهو قدم آئين جي خلاف هوندو. تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي تهفوجي ترجمان جي موجوده سياسي صورتحال ۾ اهو بيان حڪومت لاءِ وڏو ڌچڪو ثابت ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو