ڪراچي(ويب ڊيسڪ)فوج خلاف تنقيد تي صحافين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف مختلف سطح تي ڪاروايون شروع ٿي ويون آهن. جتي اليڪسن ڪميشن پاران پارٽي چيئرمين گوهر خان جو عهدو تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو اهي ته ساڳئي وقت صحافي احمد نوراني ۽ جميل فاروقي ۽ پي ٽي آءِ اڳوان سيمابيا طاهر کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي. آزاد ڪشمير جي ضلعي ڀمڀر جي تعلقي سماهني جي صدر ميجر (ر) طارق محمود فوج مخالف بياني جو الزام هڻندي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بيرسٽر گوهر کي چيئرمين مڃڻ کان انڪار
ڊان اخبار جي خبر موجب پاڪستان اليڪشن ڪميشن (ECP) پي ٽي آءِ جي چيئرمين طور بئريسٽر گوهر علي خان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اها ڳالهه آچر ڏينهن سامهون آئي.
ڊان پاران ڏٺل هڪ خط، جيڪو 26 نومبر تي جاري ڪيو ويو ۽ بئريسٽر گوهر کي موڪليو ويو، موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ 13 نومبر تي ڪميشن کي هڪ درخواست لکي هئي، جنهن ۾ سينيٽرن کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرڻ بابت ڳالهه ڪئي وئي هئي.
خط ۾ بئريسٽر گوهر طرفان اٿاريل معاملي جي وڌيڪ وضاحت نه ڪئي وئي، پر لڳي ٿو ته هن انهن سينيٽرن کي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي جيڪي خيبر پختونخوا اسيمبلي مان جولاءِ ۾ ڊگهي دير کان پوءِ سينٽر چونڊيا ويا هئا.
اي سي پي پنهنجي خط ۾ چيو ته “مناسب غور کان پوءِ اهو ڏٺو ويو ته پاڪستان تحريڪِ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن جو معاملو ڪميشن اڳيان لٽڪيل آهي، ڇاڪاڻته پارٽي لاهور هاءِ ڪورٽ (LHC) مان اسٽي آرڊر حاصل ڪيو آهي.”
“تنهن ڪري، انهن حالتن ۾ ڪميشن توهان کي پاڪستان تحريڪِ انصاف جو چيئرمين تسليم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. ان ڪري، اوهان وٽ ڪا قانوني حيثيت (locus standi) ناهي، ۽ توهان کي ان بابت آگاهه ڪيو وڃي ٿو.”
پي ٽي آءِ ٽي ڀيرا انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون، پر پهريان ٻه دفعا چونڊ ڪميشن انهن کي رد ڪري ڇڏيو هو. ٽيون ڀيرو پارٽي چونڊ کان پوءِ، پي ٽي آءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جو رُخ ڪيو، جنهن ڪميشن کي انٽرا پارٽي چونڊن بابت ڪارروائي ۾ ڪو به آخري حڪم جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
ٻئي طرف، ڇنڇر ڏينهن بئريسٽر گوهر هڪ پريس ڪانفرنس ۾ به هن معاملي جو ذڪر ڪيو هو، هن ياد ڏياريندي چيو هو ته پي ٽي آءِ جي آخري انٽرا پارٽي چونڊ 3 مارچ 2024 تي ٿي هئي.
“اسين ان بابت سمورا دستاويز جمع ڪرايا هئا، پر اليڪشن ڪميشن طرفان قبوليت جي ڪا به تصديق نه ڪئي وئي آهي. اڄ پهريون ڀيرو مون کي اليڪشن ڪميشن جو خط مليو جنهن ۾ هنن باقاعدي چيو ته ‘اسين توهان کي چيئرمين نٿا مڃون’. گوهر خان جنهن تي چيو هو ته اها تمام افسوسناڪ ڳالهه آهي ته اهي پي ٽي آءِ کي تسليم نٿا ڪن.”
صحافي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اشتهاري قرار
صحافي احمد نوراني ۽ جميل فاروقي، پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ سيمابيه طاهر کي سوشل ميڊيا تي مبينا طور پاڪ فوج خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ بابت الڳ الڳ ڪيسن ۾ اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي. جوڊيشل مجسٽرٽ محمد عباس شاهه لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ ٽنهي جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ۽ مستقل گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن کي بار بار طلب ڪيو ويو، پر اهي عدالت آڏو پيش نه ٿيا.
عدالتي حڪم موجب، نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) لاڳاپيل ڪيسن ۾ چالان مڪمل ڪري جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
ٽنهي خلاف ايف آءِ آرون جولاءِ ۽ آگسٽ 2025 ۾ لاڳو سائبر ڪرائم ۽ ٻين قانوني شقن تحت داخل ڪيون ويون هيون.
عدالت هدايت ڪئي آهي ته مستقل گرفتاري وارنٽ قانون موجب جاري ڪيا وڃن، جيئن جوابدارن کي عدالت ۾ آڻي ڪيس هلائي سگهجن.
پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان
پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آئي) اڳواڻ ميجر (ر) طارق محمود آزاد ڪشمير جي ضلعي ڀمبر جي تعلقي سماهڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. ميجر (ر) طارق محمود جو چوڻ هو ته جيڪا پارٽي پاڪ فوج مخالف عزائم رکي ٿي، ان جو حصو نه ٿو رهي سگهان.
هن جو چوڻ هو ته پاڪ فوج خلاف جنهن قسم جا بيان ڏنا پيا وڃن، اُن تي احتجاج طور پارٽي ڇڏي رهيو آهيان.
ميجر (ر) طارق محمود جو چوڻ هو ته وطن ۽ پاڪ فوج کان وڌي ڪجهه به ناهي، اسين انهن جي ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺا آهيون.










