اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري کي سپريم ڪورٽ جي عمارت مان ٻاهر نڪرندي ئي گرفتار ڪيو ويو.فواد چوڌري 12 ڪلاڪن تائين سپريم ڪورٽ جي عمارت اندر رهيو ۽ گرفتاري جي خوف سبب سپريم ڪورٽ کان ٻاهر نه آيو.سپريم ڪورٽ جي عمارت مان ٻاهر نڪرندي ئي کيس گرفتار ڪيو ويو.پوليس فواد چوڌري کي 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن سيڪريٽريٽ منتقل ڪيو ويو.گرفتاري کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته وڪيل ايترا ورهائجي ويا ته وڪيلن جي طاقت به ختم ٿي وئي، هاءِ ڪورٽ ۾ منهنجي ضمانت منظور ڪئي وئي. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري به عدالت جي حد اندر ڪئي وئي، عمران خان جي گرفتاري سان پاڪستان ۾ ورهاڱي جو واقعو ٿيو، هن باهه کي ٿڌو ڪرڻ بدران وڌيڪ باهه ڏني پئي وڃي. ان کان اڳ فواد چوڌري صبح کان ئي سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ موجود هو ۽ عدالت جون بتيون به بند ڪيون ويون هيون. ان حوالي سان فواد چوڌري چيو ته فيصل چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي گهر ويو آهي ۽ هو سندس انتظار ڪري رهيا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ فواد چوڌري سان پوليس اهلڪارن به ملاقات ڪئي. ان کان اڳ فيصل چوڌري چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات جي ڪوشش ڪئي پر چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات نه ٿي سگهي.










