فواد چوڌري جي پيشي تي سندس گهرواري جو پوليس سان تڪرار

فواد چوڌري جي پيشي تي سندس گهرواري جو پوليس سان تڪرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فواد چوڌري جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي سندس گهرواري حبا چوڌري تي پوليس پاران بار بار تشدد ڪيو ويو.پوليس فواد چوڌري کي هٿڪڙيون هڻي سندس مٿان چادر لڳائي عدالت ۾ آندو، جنهن تي حبا چوڌري آفيسرن کي ورجايو ته منهنجي مڙس مٿان چادر نه لڳايو وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي مڙس کي وڌيڪ رمانڊ تي موڪليو ويو ته احتجاج ڪنداسين، فواد کي جيل موڪليو ويو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي حبا چوڌري چيو ته فواد تي تشدد جي ڪا به خبر ناهي، کيس منهن تي ڪپڙو ۽ هٿڪڙيون نه لڳايون وڃن، ڇا فواد چوڌري دهشتگرد آهي جنهن کي اهڙي نموني پيش ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو