فلٽر پلانٽ ٺيڪ ڪرايو، ايس يو پي پاران احتجاج

سيوهڻ(رميز علي سولنگي ) ڀان سيدآباد ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سڏ تي شهر جو فلٽر پلانٽ گزريل ٻارنهن سالن کان بند هجڻ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ايس يو پي ضلعي ڄامشوري جي صدر دريا خان لغاري ايس يو پي تعلقي صدر اصغر سولنگي ، علي نواز رند ، ايس يو پي سٽي صدر سهيل احمد ٻرڙو ۔علي رضا چنا ۔مير اصغر پنهور ۔ احسان لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهر جو فلٽر پلانٽ 12 ٻارنهن سالن کان بند آهي جنهن جي ڪري شهري گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن۔ هنن چيو ته مقامي  انتظاميا فلٽر پلانٽ هلائڻ ۾ مڪمل ناڪام تي چڪي آهي. پلانٽ هلائڻ ۽ سار سنڀار لاءِ ملندڙ رقم هڙپ ڪئي وڃي ٿي. هنن چيو ته اسين وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه کي اپيل ڪيون ٿا ته فلٽر پلانٽ هلائڻ لاء قدم کڻي  شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو