ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ عالمي ايوارڊ ماڻيندڙ فلم ” جوائي لينڊ “ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ فلم جوائي لينڊ خلاف داخل درخواست ابتدائي دليلن بعد رد ڪري ڇڏي.ان کان اڳ فلم جوائي لينڊ جي سينيما گهرن ۾ نمائش کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو.درخواست ۾ وفاقي حڪومت، پيمرا، سينٽرل فلم سينسر بورڊ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.فلم جوائي لينڊ تي پابندي ۽ سوشل ميڊيا تان مواد هٽائڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي وئي آهي.عدالت پيمرا، پي ٽي اي ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف فلم جوائي لينڊ خلاف شڪايتن تي غور لاءِ 8 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.قانون واري وزير جي سربراهي ۾ 8 رڪني ڪميٽي ۾ اطلاعات، مواصلات، سيڙپڪاري، آءِ ٽي جا وزير شامل آهن.گلگت بلتستان بابت صلاحڪار، چيئرمين پي ٽي اي ۽ چيئرمين پيمرا به ڪميٽي جا ميمبر آهن، جيڪي فلم جي سماجي ۽ اخلاقي قدرن خلاف شڪايتن تي غور ڪندا.واضح رهي ته عالمي ايوارڊ ماڻيندڙ فلم ” جوائي لينڊ “ پاڪستان ۾ رليز ٿيڻ کان اڳ ئي تنقيد جو شڪار ٿي وئي هئي.










