فلسطين ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا

يروشلم(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج مقبوضہ فلسطين جي اولهه ڪناري جي شهر نابلس ۾ فائرنگ ڪري ٽن فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج 24 ورهين جي جهاد محمد الشامي، 22 ورهين جي عيد عثمان الشامي ۽ 18 ورهين جي رعد دبيڪ کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.عرب ميڊيا موجب الاقصيٰ شهيدن جي برگيڊ چيو آهي ته اسرائيلي فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطيني نوجوان ان جا ميمبر هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو