غزه: (ويب ڊيسڪ) غزه ۾ اسپتال مٿان اسرائيلي بمباري سبب فلسطيني صدر محمود عباس آمريڪي صدر جوبائيڊن سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ اردن ۾ ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.اردن ۾ فلسطين جي معاملي تي چئن ملڪن جي سربراهي اجلاس ۾ اردن جو شاهه عبدالله، فلسطيني صدر محمود عباس، آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ مصر جي صدر کي شرڪت ڪرڻي هئي پر غزه جي اسپتال تي وحشياڻي اسرائيلي حملي ۾ 500 کان وڌيڪ فلسطينين جي شهادت کان پوءِ فلسطيني صدر محمود عباس آمريڪي صدر سان ملاقات کان انڪار ڪيو جنهن کان پوءِ صدر جوبائيڊن به اردن جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.اردن جي پرڏيهي وزير ايمن صدافي چيو آهي ته آمريڪي صدر سان چئن ملڪن جو اجلاس تڏهن ئي منعقد ڪيو ويندو جڏهن غزه ۾ اسرائيل طرفان قتل عام جو سلسلو روڪيو ويندو.










