ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)فشريز، لائيو اسٽاڪ ۽ ڪچي آبادي بابت وڏي وزير جي خاص صلاحڪار نجمي عالم چيو آهي ته فشريز انڊسٽري ۽ سنڌ جا مهاڻا دنيا کان گهڻو پٺتي آهن، مڇيءِ جي شڪار لاءِ اسان وٽ 12 ناٽيڪل مائلز جي حد آهي، جنهن سطح تي مڇيءِ جي فارمنگ ڪرڻ گهرجي اها نه پئي ٿئي، ماڻهن کي فش فارمنگ لاءِ اتساهيون پيا، سم واري زمين مڇيءِ جي فارمنگ لاءِ بهترين آهي، سنڌ جي ماڻهن کي اپيل آهي ته مڇي جي فارمنگ ڪن، پاڻي جي ٽيسٽن ۽ مڇيءِ جـِي جنسن لاءِ کين جيڪا مدد گهربل هوندي اها فراهم ڪنداسين، اسان موقعن کي استعمال نه پيا ڪيون. سيد نجمي عالم گذريل ڏينھن پنھنجي آفيس ۾ ميمبر سنڌ اسيمبلي آصف خان جي قيادت ۾ آيل ماھيگيرن جي ھڪ وفد سان ڳالھائيندي چيو ته ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان نئين اسڪيم شروع ڪيون پيا، جيڪي ماڻهو مڇيءَ جي فارمنگ ڪرڻ چاهين ٿا اهي ڏهن ماڻهن جو گروپ ٺاهين، 75سيڪڙو خرچ فشريز کاتو ڏيندو، ڪراچي کان بدين جي پٽي تائين جيڪو به فارمنگ ڪرڻ چاهي ٿو ان کي 30 سالن تائين زمين مقاطعي تي ڏينداسين ته جيئن برآمد ۾ واڌ ٿئي. وڏي وزير جي صلاحڪار نجمي عالم چيو ته اڳ شيون ٺيڪي تي ڏنيون وينديون هيون، فشر مين جي چوڻ تي ٺيڪيداري سسٽم ختم ڪيو ويو، جنهن مان ڪو به فائدو نه ٿيو، ويتر نقصان ٿيو، حڪومت منظوري ڏئي ته ٺيڪيداري سسٽم بحال ڪنداسين، ايڪسپورٽ لاءِ مٺي پاڻي جي مڇي گهٽ استعمال ٿئي ٿي، گهڻو ڪري سمنڊ جي مڇي برآمد ٿيندي آهي.سيد نجمي عالم جو چوڻ هو ته سنڌ جا ماهيگير جهڙي ريت زندگي گذارين پيا ساڻن ايئن ٿيڻ نه گهرجي، مهاڻن کي مزدور قرار ڏيارڻ لاءِ ڪيس موڪلي ڇڏيو آهي ته جيئن مستقبل ۾ سندن لاءِ ڪالونيون، ٻارن جي شادي لاءِ رقم ۽ صحت جون سهولتون ڏئي سگهون، مهيني اندر رجسٽريشن ڏانهن وينداسين، ڀارتي قيد ۾ موجود پاڪستاني ماھيگيرن لاءسيد نجمي عالم چيو ته ڀارت سان معاهدو ٿيل آهي ته مهاڻن کي هڪ يا ٻن مهينن اندر آزاد ڪرڻو آهي، ڀارت مهاڻن کي اسمگلر ۽ دهشتگرد قرار ڏئي کين سالن تائين جيل ڀيڙو ڪري ٿو، اونهيءَ سمنڊ ۾ ويندڙ ٻيڙين ۾ ٽريڪر لڳائينداسين ته جيئن خبر پئي ته ٻيڙي ڪٿي آهي، جيڪڏهن اهي ٻيڙو ڀارت ڏانهن ويندو ته کين آگاهه ڪيو ويندو، سنڌ ۾ ڪيتريون ئي جيٽيون رجسٽرڊ ناهن، جن جون فهرستون تيار ڪيون پيون وڃن، ڪيٽي بندر تي فلوٽنگ جيٽي آهي، وڏي وزير کي ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ باقاعده جيٽي لاءِ رقم رکڻ جو چيو آهي، هن ڀيري صحت ۽ تعليم لاءِ بجيٽ وڌائي وئي آهي، رهيل منصوبن کي مڪمل ڪيو ويندو. چوپائي مال جي بيمارين بابت ڳالهائيندي وڏي وزير جي صلاحڪار نجمي عالم وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀينس ڪالونيون آهن، جن ۾ مال کي ويڪسين ڪئي پئي وڃي، ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد جي واڙن ۾ به ويڪسين يقيني بڻائي ويندي، چوپائي مال جي بيمارين جو علاج ويڪسين آهي، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پري پري ڳوٺ آهن، جتي پهچڻ ڏکيو آهي جنهن لاءِ وڏي وزير کي سمري موڪلي آهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي کي 100 موٽر سائيڪلون ڏنيون وڃن ته جيئن ڳوٺن تائين پهچي چوپائي مال کي ويڪسين ڪري سگهجي، سنڌ ۾ بهترين ويڪسين ٺاهيون پيون وڃن، ايندڙ مهيني ٽيڪنالاجي وٺڻ لاءِ ترڪي وڃي رهيو آهيان ته جيئن پاڻ ويڪسين ٺاهي سگهون، فٽ اينڊ مائوٿ بيماري جي ڪري عالمي سطح تي اسان جو گوشت قبول نٿو ڪيو وڃي، ڪوشش آهي ته ان بيماري کي ختم ڪيون، اسان وٽ جانورن جي واڌ ويجهه تي ڪم ناهي ٿيو، جيڪڏهن اسان 15 کان 20 سالن تائين جو جانورن جي واڌ ويجهه بابت منصوبو نه جوڙيو ته ايندڙ نسل بهتر نه ٿيندا، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سکر، لاڙڪاڻو۽ ٿر ۾ جانورن جون اسپتالون قائم ڪرڻ وڃون پيا، جتي چوپائي مال لاءِ سموريون سهولتون موجود هونديون. صوبائي صلاحڪار سيد نجمي عالم چيو ته برسات جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي لائيو اسٽاڪ کاتي پنهنجي تياري ڪري ورتي آهي، ويڪسين ۽ دوائون اڳواٽ ئي پوريون ڪيون ويون آهن ته جيئن ايمرجنسي جي صورتحال ۾هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ دوائون پهچائي سگهون.










