فريال ٽالپر سان آزاد ڪشمير لاءِ نامزد وزيراعظم جي ملاقات

فريال ٽالپر سان آزاد ڪشمير لاءِ نامزد وزيراعظم جي ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي پي پي ليڊيز وِنگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان پيپلز پارٽي جي طرفان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير لاءِ نامزد وزيراعظم فيصل ممتاز راٺور زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. فريال ٽالپر سان ملاقات دوران فيصل ممتاز راٺور پارٽي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم آزاد ڪشمير لاءِ پنهنجي نامزدگي تي صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال تالپور جو شڪريو ادا ڪيو.فريال ٽالپر سان ملاقات ۾ فيصل ممتاز راٺور قائدِ عوام ڀٽو شهيد ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪشمير ڪاز جي ويزن کي اڳتي وڌائڻ جو عزم ڪيو. ملاقات دوران فريال تالپور فيصل ممتاز راٺور کي آزاد ڪشمير جي عوام، خاص ڪري نوجوانن جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ جامع منصوبا جوڙڻ جون هدايتون ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو