فرانس ۾ سياسي بحران، ٻن سالن ۾ پنجون ويراعظم نامزد

فرانس ۾ سياسي بحران، ٻن سالن ۾ پنجون ويراعظم نامزد

پيرس(ويب ڊيسڪ)فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون پنهنجي دفاع واري وزير ۽ ويجهي ساٿي سيباسٽين ليڪورنو کي نئون وزيراعظم نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم فرانسوا بييرو اعتماد واري ووٽ ۾ هارائڻ بعد سومر تي استعيفيٰ ڏني هئي. 39 ورهين جو ليڪورنو، جيڪو ٻن سالن کان گهٽ عرصي ۾ فرانس جو پنجون وزيراعظم آهي، وڏن چيلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن ۾ وڌندڙ سياسي بحران جو حل ڳولڻ به شامل آهي، ڇو ته ايندڙ ڏينهن ۾ مظاهرا ٿيڻ جو امڪان آهن. ليڪورنو چيو: “صدرِ جمهوريه مون کي اهو ڪم سونپيو آهي ته هڪ اهڙي حڪومت ٺاهي وڃي جنهن جي رهنمائي صاف هجي: اسان جي آزادي ۽ طاقت جو دفاع، فرانسيسي عوام جي خدمت، ۽ ملڪ جي اتحاد لاءِ سياسي ۽ ادارتي استحڪام پيدا ٿئي .” فرانسيسي پارليامينٽ ــ نيشنل اسيمبلي ــ سومر ڏينهن بييرو کي سندس تجويز ڪيل 51 ارب ڊالرن جي بجيٽ ڪٽوتين تي هٽائڻ لاءِ ووٽ ڏنو هو، جيڪي ملڪ جي قرض جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيون ويون هيون۔ بييرو ۽ ليڪورنو جي وچ ۾ اختيارن جي رسمي منتقلي اربع تي ٿيڻ واري آهي. ماهرن موجب ميڪرون جو ليڪورنو کي چونڊڻ وارو فيصلو اهو ظاهر ڪري ٿو ته هو پنهنجي پرو-بزنس معاشي سڌارن واري ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي هڪ اقليتي حڪومت سان گڏ هلڻ جو ارادو رکي ٿو. 577 ميمبرن واري نيشنل اسيمبلي ۾ کاٻي ڌر جي بلاڪ وٽ سڀ کان وڌيڪ سيٽون آهن، پر حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪافي ناهن. ليڪورنو، جيڪو هڪ وقت ۾ قدامت پسند هو، جي مقرري فرانس جي سينٽر-ليفت سوشلسٽ پارٽي کي پاڻ کان پري ڪري سگهي ٿي، جنهن سان ميڪرون جي حڪومت کي مرين لي پين ۽ ساڄي ڌر جي نئشنل ريلِي تي پارليامينٽ ۾ حمايت لاءِ ڀاڙڻو پوندو. سوشلسٽ پارٽي جي اڳواڻ فيلپ برون چيو: “سيباسٽين ليڪورنو جون ذاتي صلاحيتون هڪ طرف، سندس مقرري پارليامينٽ جي منهن تي چماٽ آهي۔” پر مرين لي پين جي ساٿي ۽ سندس جانشين طور ڏٺل جارڊن بارديللا چيو: “اسان نئين وزيراعظم کي بنا ڪنهن وهم جي سندس ڪارڪردگيءَ تي پرکينداسين،” هن چيو ۽ اضافو ڪيو ته پارٽي پنهنجون سخت ’ڳاڙهيون ليڪون‘ برقرار رکي ٿي. فرانس جو بجيٽ خسارو هاڻي لڳ ڀڳ 169 ارب يورو (198 ارب ڊالر)، يعني ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار (GDP) جو 5.8 سيڪڙو آهي، جيڪو يورپي يونين جي مقرر ڪيل 3 سيڪڙو حد کان گهڻو مٿي آهي۔ سيڙپڪار پريشان آهن ته فرانس جا لڳاتار خسارا وڌيڪ قرض جي شرح وڌائيندا ۽ ملڪ جي ڪريڊٽ رينڪنگ کي نقصان پهچائيندا. سومر ڏينهن ووٽ کان اڳ بييرو قانونسازن کي خبردار ڪيو: “توهان وٽ حڪومت کي ڊاهڻ جو اختيار آهي، پر توهان وٽ حقيقت کي ختم ڪرڻ جو اختيار ناهي۔ حقيقت بي رحم رهندي: خرچ وڌندا رهندا، ۽ قرض جو بار، جيڪو اڳ ئي ناقابلِ برداشت آهي، وڌيڪ ڳرو ۽ مهانگو ٿيندو۔”
فرانس ۾ مظاهرا متوقع
جيئن ميڪرون ٻن سالن کان گهٽ وقت ۾ پنهنجي چوٿين حڪومت جي زوال کي منهن ڏئي رهيو آهي، فرانس جا شهري هن هفتي “هر شيءِ بلاڪ ڪريو” مظاهرن لاءِ تياري ڪري رهيا آهن۔ هي تحريڪ، جنهن وٽ مرڪزي قيادت ۽ منصوبا بندي ناهي، هن هفتي وڏي پئماني تي رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي آهي. پئرس ۾ هڪ کاٻي ڌر جي ڪارڪن لوئيز نيچن چيو: “پبلڪ اٿارٽيز ۽ حڪومت اسان کي ايترو گهڻو ڌوڪو ڏنو آهي جو مونکي يقين ناهي ته اهي واقعي عوام جي اميدن تي پورو لهي سگهندا۔” اهي مظاهرا 2018 جي “پيلو ويسٽ” احتجاجن سان ڀيٽيا پيا وڃن، جتي مظاهرين اِن وقت بئريڪيڊن ۽ گاڏين کي باهيون ڏنيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو