خيرپور(ن س )راڻيپور جي پيراڻي حويليء ۾ مبينا تشدد بعد فوت ٿي ويل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ميڊم ثمينه منگي جي عدالت ٿي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ثمينه منگي جي عدالت ۾ فريادين جو وڪيل جمشيد ڏهراج ۽ جوابدار ڌر جو وڪيل علي مرتضي شاهه پيش ٿيا ان موقعي تي عدالت سڳوري جوابدارن طرفان ڏنل ضمانت واري درخواست کي عدالت رد ڪري ڇڏيو ۽ ٺاهه جا جمع ڪرايل قسم ناما پڻ رد ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي ۽ 17 فيبروري تي چئني جوابدارن پير سيد اسد شاهه، پير فياض شاهه، حنا بي بي ۽ امتياز ميراثي، ٻنهي ڌرين جي وڪيلن ۽ فريادين کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو عدالت ان موقعي تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ٺاھ جوڳو ناهي تنهنڪري ضمانت جي درخواست رد ڪجي ٿي










