غير لائسنس يافته پيٽروليم سهولتن خلاف ڇاپن جو حڪم

غير لائسنس يافته پيٽروليم سهولتن خلاف ڇاپن جو حڪم

گھوٽڪي (ن س )ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي پيٽروليم ايڪٽ 2025 تحت غير لائسنس يافته پيٽروليم سهولتن خلاف ڪارروائين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو, منظور احمد ڪنراني هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ڪارروائي جا اختيار ڏئي ڇڏيا۔ نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم ايڪٽ 2025 تحت غير قانوني پيٽرول پمپ ۽ ذخيرن کي سيل ڪيو ويندو، رد يا ختم ٿيل لائسنس واري پيٽروليم سهولتن خلاف ضبطگي ۽ سيل ڪرڻ جي ڪارروائي ٿيندي، اسمگل ٿيل پيٽروليم شين جي ٽرانسپورٽ جا ذريعا به ضبط ڪيا ويندا۔ پوليس کي پيٽروليم اسمگلنگ خلاف ڪارروائين ۾ مڪمل سهڪار جي هدايت ڪري ڇڏي، ڊي سي جي هدايت ضلعي گھوٽڪي ۾ غير قانوني پيٽرول جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو،ڊي سي پاران سڀني ايس ايچ اوز کي هدايت ڏني وئي آهي ته هو غير قانوني پيٽرول پمپن خلاف فوري ڪارروائي ڪن،ضلعي انتظاميا طرفان پيٽروليم ايڪٽ 2025 تحت سخت قدم کڻڻ جو آغاز ڪيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو