اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير غلام سرور خان به تحريڪ انصاف کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.غلام سرور خان 9 مئي سانحي جي مذمت ڪندي بيان ڏنو ته ان ڏينهن جيڪو ٿيو اهو خراب هو ان ڪري پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪريان ٿو.هن چيو ته پاڪستاني فوج ملڪ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن جي يادگار، جي ايڇ ڪيو ۽ فوجي تنصيبات تي حملا ڪندڙ قوم دشمني جا مجرم هئا، انهن جي ايڇ ڪيو، ڪمانڊرز نه پر پاڪستان جي دل تي حملو ڪيو. مان انهن سڀني ناپاڪ ارادن ۽ ناپاڪ عملن جي مذمت ڪريان ٿو.غلام سرور چيو ته اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي، ادارن سان ٽڪراءُ ڪندڙن جي سخت مذمت ڪيون ٿا.هن وڌيڪ چيو ته پارٽي جي هر فورم تي ٽڪراءَ جي پاليسيءَ سان اختلاف هئڻ باوجود ادارن سان ٽڪراءَ ۽ وڙهڻ نه گهرجي.










