واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته غزه جو ڪنٽرول سنڀالڻ ۽ ٻيهر تعمير شروع ڪرڻ جي ڪا به جلدي ناهي.واشنگٽن ۾ ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ايندڙ هفتي ڪيترن ئي ملڪن تي جوابي ٽيرف جو اعلان ڪندو،آمريڪي صدر چيو ته غزه جو ڪنٽرول سنڀالڻ ۽ ان جي تعمير نو جي آمريڪي منصوبي تي عمل ڪرڻ جي ڪا به جلدي ناهي،ان کان علاوه ٽرمپ چيو ته هو روسي صدر پيوٽن سان ڳالهائڻ چاهي ٿو ۽ اتر ڪوريا سان به لاڳاپا قائم ڪندو،ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن مان اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ ان سان سٺا لاڳاپا قائم ڪريان ته اهو سڀني لاءِ فائديمند هوندو.










